سيتلا ماتا مندر رتن تلاءُ

سيتلا ماتا مندر رتن تلاءُ: فريئر روڊ ڪراچيءَ کان برنس روڊ ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي هنومان مندر لڳ سوڙهي گھٽيءَ ۾ ستلا ماتا جو مندر مندر موجود آهي، جنهن جي دروازي تي لکيل آهي ’مائي جنت ڪا تعزيا‘. مندر جي پسگردائيءَ ۾ مندر جي زمين تي دڪان ٺهي ويا آهن. مندر جو ڪمرو بچيل آهي، جنهن ۾ ٽي سماڌيون هيون. مندر جي هڪ ڪنڊ تي مائي جنت جي تعزيي جو عَلم رکيل آهي ۽ مائي اندر رهي ٿي. هتي مزدور رنگ وغيره جو سامان اچي رکندا آهن. هن مندر جي حفاظت نه ڪئي وئي ته ان جا آثار مٽجي ويندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو